طارق قريشي

طارق قريشي

طارق قريشي

طارق قريشي: ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي طارق قريشي 17 سيپٽمبر 1969ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ مين پرائمري ماڊل اسڪول دادوءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ دادوءَ مان ڪئي، جنهن ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيائين. هن انٽرميڊئيٽ، گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ڪئي ۽ ايم. اي سوشالاجي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي. هن لکڻ جي باقائدي شروعات 1985ع ڌاري ڪئي. سندس اباڻو ڳوٺ بُوبڪ (پهرين دادو ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعو) آهي. هن جي ناناڻڪي خاندان جو تعلق صوفياڻي گھراڻي سان آهي. جنهن ۾ شيخ المشائخ حضرت الله قريشي'>پير نعمت الله قريشي نقشبندي ۽ سائين بابا شاھ محمد قريشي (سائين بابا ماڙيپور والي) جن سندس روحاني تربيت ڪئي. ڏاڏاڻڪي خاندان ۾ وقت جا وڏا جيد عالم جن ۾ هن جو ڏاڏو آخوند عبدالله قريشي ۽ سند س ڀاءُ آخوند احمد قريشي پنهنجي وقت جا عالم ۽ باڪردار انسان هئا. طارق قريشيءَ کي ورثي ۾ ملڪيت بدران مودت ۽ محبت اولياءَ نصيب ٿي جنهن ڪري هن کي عاشق قلندر ۽ قطب زمان بابا سائين احمد علي قريشيءَ (رح) جي صحبت به نصيب ٿي. هن جو ڇوڻ آهي ته هن ۾ جيڪي به ڪمزوريون ڪوتاهيون آهن اهي سڀ هن جون ئي خاميون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي هن جي شخصيت ۾ ڪا چڱي ڳالھه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته اها عارفن ۽ عاشقن جي نگاھ جو فيض آهي. طارق قريشي 1989ع کان هيل تائين مختلف سرڪاري نوڪرين سان گڏ جُز وقتي صحافت به ڪندو رهيو آهي. هيءُ اقوام متحده جي ذيلي ادارن يونيسيف، آءِ. ايل. او ۽ يو. اين. ڊي. پي جي مالي سهڪار سان هلندڙ مختلف پراجيڪٽن ۾ ٽيم ليڊر طور پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو آهي. 2004ع کان 2011ع تائين سنڌي چئنل ڪي. ٽي. اين تي پري وِيو اينڊ اسڪرپٽ سيڪشن جي انچارج طور خدمتون سر انجام ڏيئي چُڪو آهي. طارق قريشي ٻه ٽيلي فلمون، اڻ ڳڻيا لانگ پليز ۽ بيشمار سولو پليز لکڻ سان گڏ انيڪ ننڍيون وڏيون ٽي وي سيرئلز به لکي چڪو آهي. هن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن پاڪستان ۾ سنڌيءَ جو پهريون ميگا سيرئل يعني سوپ (سيرئل اوپرا) ”فاصلا“ به لکيو ان کان علاوه هن جا ڊراما پي. ٽي. وي، سنڌ ٽي وي، ڪي. ٽي. اين ۽ ٻين چئنلن تان وقت بوقت نشر ٿيندا رهن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڀوت بلڊنگ'>ٻالڪ فورس ۽ ڀوت بلڊنگ“ (ٻارن لاءِ ناول 1993ع)، ”ٻه شاعر ٻه ڪهاڻيڪار“ 1992ع، ”پنجين موسم کانپوءِ“ 1993ع، ”صديءَ جو سفر“ 1993ع ۽ ”ٽين اک“ 1996ع ۽ ڪاڇو پبليڪيشن طرفان ٻارن لاءِ ڪهاڻين تي مشتمل ”سپر مين“ 2015ع قابل ذڪر آهن. جڏهن ته سندس هڪ ناول دل گرهڻ نئين نياپي طرفان ڇپائيءَ هيٺ آهي. ان کان علاوه هو ٻارن لاءِ هڪڙي انگريزي ڪتاب جو ترجمو پڻ ڪري چڪو آهي. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن جن ۾: روشني جي لاٽ ڪهاڻيءَ تي دعوت اڪيڊمي اسلام آباد طرفان 1988ع ۾ پهريون نمبر ايوارڊ، ڪي. ٽي. اين طرفان بهترين ڊراما ايوارڊ ۽ بهترين اسڪرپٽ ايڊيٽر وغيره قابل ذڪر آهن. طارق قريشي هفتيوار سنڌو ميگزين ۾ ”سنها ڀانءِ مَ سپ“ جي سري هيٺ سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ڪالم به لکندو رهيو آهي، ساڳيو سلسلو عبرت اخبار ۾ به ڳپل وقت تائين جاري رکيائين. هن جا ليک ۽ مضمون روزنامه شام ۾ به هڪ ڊگھي عرصي تائين ڇپجندا رهيا آهن. طبع زاد ۽ ترجما، مختلف مخزنن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا جن جو تعداد به ڳاڻيٽي کان گھڻو آهي. طارق قريشي سوشل ڊويلپمينٽ سيڪٽر ۾ هڪ بهترين ٽرينر/ ريسورس پرسن طور به مڃتا ماڻي آهي. ان کان علاوه هن کي پراجيڪٽ ۽ پروگرام مينيجمينٽ ۽ ريسرچ کانسواءِ مائڪرو فنانس ۾ ڪافي تجربو آهي. هن مائڪرو فنانس جا ڪجھ منفرد پراڊڪٽس نه رڳو ڊزائين ڪيا پر انهن کي عملي شڪل به ڏنائين جنهن تي ورلڊ بئنڪ جي هڪ ذيلي تنظيم سي گيپ هن کي تعريفي سند به ڏني ۽ آءِ ايل او طرفان کيس ٻاهرئين ملڪ ۾ تربيت لاءِ به موڪليو ويو هئو. اڄڪلهه يُو ايس ايڊ جي مالي تعاون سان سنڌ حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ تعليم کاتي جي هڪ پروجيڪٽ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۾ سينئر مينيجر پلاننگ، مانيٽرنگ اينڊ اويليوئيشن طور ملازمت ڪري رهيو آهي. ڪهاڻيون لکڻ جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي. اڄڪلهه هن جون ڪهاڻيون سوشل نيٽ ورڪس تي به نظر اينديون آهن.


لفظ طارق قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.09.17  عيسوي

طارق قريشي 17 سيپٽمبر 1969ع تي دادو شهر ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد سومرو
ضمير نيازي
درس عبدالغني
پريل دايو
جان محمد مھر
حميد نظامي
شان ڏهر
آچر خاصخيلي
صلاح الدين مولانا
اعظم ڀٽي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون